سکر جي نيوپنڊ واري علائقي ۾ زھريلو کاڌو کائڻ سبب 12 ورھين جو نينگر فوت ٿي ويو ، واقعي جي اطلاع بعد پوليس پھچي ٻارڙي جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ، ٻارڙي جي وارثن موجب ته رات جي ماني کائڻ بعد واصف جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي ، جنھن بعد ھو فوت ٿي ويو ، ممڪن آھي ته ماٽيلي ماءُ کاڌي ۾ زھر ملائي کيس ماريو آھي ، پوليس جو چوڻ آھي ٻارڙو واصف مغل پي ء عرفان مغل سان ڊينٽنگ ۽ پينٽگ جو ڪم ڪندو ھو ،واقعي جي ھر پاسي کان جاچ ڪري رھيا آھيون
رپورٽ- اختيار علي چنا