پي ٽي سي ايل جا 20 هزار ملازم پينشن کان محروم، احتجاج

کوکراپار (رپورٽ:عنايت قمبراڻي) پي ٽي سي ايل مان 13 سال اڳ  وي ايس ايس پيڪج تحت رٽائر ڪيل 20 ھزار ملازمن کي اڃان تائين پينشن نہ ملي ، ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ رٽائرڊ ملازمن جو احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو پينشن بحال ڪريو، طبي سھولتون ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، سڄي ملڪ مان پي ٽي سي ايل جا 40 ھزار ملازم جبري رٽائر ڪيا ويا جن مان 20 سال ملازمت ڪندڙ ملازمن کي پينشن ملي باقي 20 ھزار ملازمن کي 18 سال ملازمت جو چئي پينشن نہ ڏني وئي، سپريم ڪورٽ، وزير اعظم پاڪستان غريب ملازمن جي پينشن جي بحالي جا حڪم جاري ڪن ، ملازمن علي ڪلمتي، شمس الدين ۽ ٻين جو صحافين سان ڳالھيون تفصيل موجب ، ملڪ جي پي ٽي سي ايل  کاتي مان سال 2008 ۾ وي ايس ايس اسڪيم تحت 40 ھزار ملازمن کي ھر ھڪ ملازم 10 لک روپيا ڏئي فارغ ڪيو ويو ھو، جن مان 20 ھزار ملازمن کي پينشن ڏني پئي وڃي جڏھن تہ 20 ھزار ملازم گذريل 13 سال کان پينشن ۽ طبي سھولتن کان اڃان تائين محروم آھن ان سلسلي ۾ ڪالھ جبري رٽائرڊ پي ٽي سي ايل ملازمن علي محمد ڪلمتي، شمس الدين، عابد اسرار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير جي واپاري مرڪز ميمڻ ڳوٺ پھچي  احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو مظاھرو ڪندڙن جي ھٿين ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا ۽ ھو پينشن بحال ڪريو طبي سھولتون ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا احتجاجي ميڙاڪي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي علي ڪلمتي ، شمس الدين ۽ ٻين ٻڌايو تہ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني ڪميٽي مان 5 ججن پي ٽي سي ايل ملازمن کي پينشن ادا ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن جڏھن تہ سينٽ ۾ رحمان ملڪ خطاب ڪندي ملازمن کي فوري طور پينشن ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي پر پي ٽي سي انتظاميا غريب رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ھنن چيو تہ سڄي ملڪ ۾ 10 سال ملازمت ۽ 60 سال جي عمر جي رٽائر ملازمن کي پينشن جو قانون موجود آھي پر پي ٽي سي ايل کي خريد ڪندڙ ڪمپني انتظاميا ملڪي قانون جي ابتڙ 20 سال ملازمت ڪندڙ ملازمن کي پينشن جو حقدار قرار ڏنو آھي جڏھن تہ 18 سالن جي ملازمن کي پينشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي جيڪا ظلم جي انتھا آھي ھنن چيو تہ پينشن جي انتظار ۾ ڪيترائي ملازم غربت ۾ گھاري ھي دنيا ڇڏي چڪا آھن ۽ ڪيترائي بيماري جي بستري يا پوڙھائپ تائين پھچي ويا آھن، ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ، وزير اعظم پاڪستان عمران خان ، قومي ۽ سينٽ اسمبلي ميمبرن کي اپيل ڪئي تہ پاڪستان جي قانون تحت پي ٽي سي ايل مان جبري رٽائر ملازمن کي بنا دير پينشن ادا ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ نہ کٽندڙ تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.