داراواھڻ ڀرسان ڳوٺ پريو ماڇي ۾ مير حسن ماڇي جي گھر ۽ اوطاق کي اڻ ڄاتل ماڻهن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ، واقعي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائنيندي متاثر ڳوٺاڻي مير حسن ماڇي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پورهيت ميرحسن جو ٻه اڍائي لک کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، هو مسڪين غريب آهي، مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهي
متاثر ميرحسن دانهيندي چيو ته سخت ٿڌ جي موسم ۾ گهر سڙي وڃڻ کانپوءِ هو کليل آسمان ھيٺان ويٺا آهن ھن مھل تائين ڪنهن به تڪ جي ايم اين اي يان ايم پي اي انهن جي سار نه لڌي آهي ، هن اپيل ڪئي ته سندس واهر ڪئي وڃي.
رپورٽ-عبدالستارمھراڻي