سينيٽ ڪميٽي ۾ عورتن جي ملڪيت جي حقن بابت ترميمي بل 2020ع منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي انصاف ۽ قانون بابت ڪميٽي عورتن جي ملڪيت جي حقن بابت انفورسمنٽ آف وويمن پراپرٽي رائٽس ترميمي بل 2020ع کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو.

سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽ  جو اجلاس چيئرمين محمد جاويد عباسي جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين شرڪت ڪئي.

سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ ٻارن حوالگي تي مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارني اعتراض واريو جڏهن ته حڪومت مخالف تقريربن ۽ صلاحڪارن جي ڪابينا اجلاسن ۾ شرڪت بابت بلن جي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي اختيارين مخالفت ڪئي.

ڪميٽي جي چيئرمين محمد جاويد عباسي چيو ته سينيئر وڪيل سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جو بل ٻارن جي ويلفيئر ۽ حوالگي بابت آهي.

مذهبي معاملن واري اختيارين جو چوڻ هو ته عدالتون ڪيس ٽو ڪيس جي بنياد تي فيصلو ڪنديون آهن ان ڪري معاملي تي قانون ٺاهڻ سان مذهبي مسئلا اچي سگهن ٿا.

سينيٽر بيرسٽر سيف چيو ته عدالت کي شرعي اصولن کي ڏسي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي ۽ عدالتن کي انهن معاملن تي صوابديد کي اختيار هئڻ گهرجي.

اجلاس ۾ حڪومت مخالف تقريرن بابت سينيٽر رضا رباني جي بل تي بحث ڪيو ويو.

ڪميٽي جي چيئرمين جاويد عباسي چيو ته حڪومت جي خلاف تقريرن تي ڪهڙو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي؟ رياستي ادارن جي خلاف بيان هجي ته الڳ ڳالهه آهي ان قانون کي ختم ڪيو وڃي ته ڪهڙو فرق پوندو؟ پينل ڪوڊ ته انگريز جي دور ۾ ٺاهيو ويو غداري جو ڪيس مون تي يا ڪميٽي جي ڪنهن ميمبر جي خلاف بڻجي وڃي ته ڪهڙي عزت رهندي.

بعد ۾ بل تي بحث ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.

ان کان سواءِ انصاف ۽ قانون واري ڪميٽي ۾ عورتن جي وراثت ۾ حصي بابت جاويد عباسي جي بل تي بحث ڪيو ويو.

ڪميٽي عورت جي ڪيسن بابت محمد جاويد عباسي جو بل منظور ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.