ميهڙ ڀرسان نئون ڳوٺ روڊ تي دڪاندارن کان هزارين رپيا ڦر، احتجاج

ميهڙ (ت ر)  ڳوٺ درگاھه سعيدي موساڻي جي دڪاندارن کان نئون ڳوٺ ميھڙ روڊ تي نامعلوم ڦورن پاران ڏينھن ڏٺي جو ھٿيارن  جي زور تي ھزارين روپيه روڪ رقم موبائيل  فونون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏھن ته دڪاندارن پاران حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پرحد جي پوليس واقعي واري ھند نه پھچڻ تي سعيدي موساڻي بازار ايسوسيئيشن جي دڪاندارن درگاهه سعيدي موساڻي جو گادي نشين پير غلام نبي عرف گلاب احمد پيرزادو صدر ارشاد علي بروھي عبدالڪريم لاکير عامر لاکير فھد سرگاڻي فاروق سرگاڻي لونگ پيرزادو نديم پيرزادو ارشاد سولنگي روشن پيرزادو خالد حسين سولنگي عرفان سامٽيو پاران صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان سامان کڻڻ لاءِ ميھڙ وڃي رھيا ھئاسين ته رستي ۾ نئون ڳوٺ ميھڙ روڊ تي ٻن نامعلوم ڦورن پاران ڳرن ھٿيارن جي زور تي بازار سعيدي موساڻي جي دڪاندار کي يرغمال بڻاڻي عرفان علي سامٽيو ۽ خالد حسين سولنگي کان 45 ھزار روڪ رقم ٽي اوپو موبائيلون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنھن جو اسان ان وقت حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي واري ھند تي حد جي پوليس نه پھتي. جڏھن ته پوليس پاران ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪئي.  ھنن وڌيڪ چيو ته اسان آءُ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيون ٿا ته ھن مسئلي جو نوٽيس وٺي ڦر جي ڏوھه ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري ڦر ٿيل پئسا ۽ موبائيل فونون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.