اڍائي مھينا اڳ ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن معصوم سئوٽن الله ورايو بروھي ۽ شڪيل بروھي جي مک قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن ۽ بروھي اتحاد جي طرفان سول ڪورٽ ميروخان کان ريلي ڪڍي مين چؤڪ عرضي ڀٽو وٽ ڌرڻو ھنيو ويو ، ڌرڻي دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي وارثن نور محمد بروھي ۽ ٻين چيو ته پوليس شھيد ٻارڙن الله ورايو ۽ شڪيل بروھي جي مک قاتلن محمد خان لغاري ۽ اعجاز احمد ڪلھوڙو کي ھن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگھي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته معصومن جي مک قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊي آء جي آفيس لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.
رپورٽ صفدر علي تنيو