اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 20 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ٻه رپيا پنجانوي پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
ان کان سواءِ گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 42 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.
حڪومت طرفان عوام کي نئين سال جي پهرين ئي مهيني 2 ڀيرا مهانگائي جو تحفو، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي.
واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نين قيمتن ۾ 109 رپيا 20 پيسا في ليٽر ڊيزل جي قيمت 113 رپيا 19 پيسا، گاسليٽ جي قيمت 79 رپيا 65 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت 76 رپيا 23 پيسا في ليٽر هوندي.
نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان 31 جنوري تائين هوندا.