پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن آڏو پرڏيهي فنڊنگ قبولي ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي آڏو قبول ڪيو ته آمريڪا مان فارن فنڊنگ ٿي پر چيو ته آمريڪا ۾ فنڊ گڏ ڪندڙ ايجنٽن کي عمران خان جي واضح هدايت هئي ته رڳو انهن ذريعن سان فنڊنگ حاصل ڪيو جيڪي منع ٿيل نه هجن.

تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ايجنٽ هدايتن جي ابتڙ رقم گڏ ڪري ۽ تفصيل به پارٽي کي نه ڏئي ته ان جي ذميوار پي ٽي آءِ ناهي.

پي ٽي آءِ جي لکت واري جواب موجب ايجنٽس حلفي بيان ڏنو هو ته هنن فنڊ گڏ ڪرڻ واري پارٽي پاليسي تي عمل ڪيو.

ڪيس جي درخواستگذار اڪبر ايس بابر ان تي پڇيو ته پهرين پي ٽي آءِ قبوليو هو ته هن آمريڪا کان غير قانوني فنڊنگ ورتي ئي ناهي، هاڻ هو غير قانوني فنڊنگ جو الزام ايجنٽن تي مڙهيو رهيو آهي.

اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي دستاويزن جي صحيح يا غلط هئڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.