نوابشاهه: استادن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن پڪو نه ڪرڻ ۽ پگھارون جاري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

اين سي ايڇ ڊي جي استادن عبدالقيوم سومرو، عبدالغفور بڙدي، ولي محمد مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي استادن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين  8 ھزار پگھار تي معصوم ٻارڙن جو مستقبل روشن ڪري رھيا آھيون پر اھا پگھار به اسان کي وقت تي نٿي ملي، ھنن چيو ته گذريل 17 سالن کان ٻھراڙي جي ڏورانھن علائقن ۾ ٻارن کي تعليم ڏئي رھيا آھيون پر اسان کي اڃان تائين پڪو نٿو ڪيو وڃي جنھن جي هو بدحالي واري زندگي گذاري رھيا آھن

هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي جي استادن کي پڪو ڪري پگھارون جاري ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ بلاول ھائوس ۽ وزير اعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.