اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪي جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جا عهدو سنڀالڻ وارا ڏينهن ويجهو ايندي ئي تقريب ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت جي حوالي سان افواهه گردش ڪري رهيا آهن پر بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري کي دعوت جي خبر جي ترديد اچي وئي آهي.
ميڊيا ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو کي جوبائيڊن جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيڻ واريون خبرون هلي رهيون هيون.
پ پ سينيٽر فرحت الله بابر بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڳوڻي صدر ۽ پ پ چيئرمين کي تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناهي ڏني وئي ۽ هو شرڪت به نه پيا ڪن.
ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حلف برداري واري تقريب ۾ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي دعوت ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.