ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب اڄ پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺو آهي، بدقسمتي اها آهي ته ان اداري کي شرم نٿو اچي، نيب کان پڇڻ وارا به چُپ ويٺا آهن.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ به نيب ڪورٽ ۾ پي ايس او جي ايم ڊي مقرري جو ڪيس هلي رهيو آهي، ان ڪيس جي حقيقت سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ بيان ڪري ڇڏي، ڪيس ۾ ڪا حقيقت آهي نه ڪي دليل.
هن چيو ته نيب سياستدانن کي دٻائڻ جو ذريعو آهي، نيب ٻين کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندو آهي، اڄ پاڻ بيٺو آهي، براڊ شيٽ کي نواز شريف ڪجهه ڪجهه نه مليو.
سندس موجب سپريم ڪورٽ فيصلن ۾ لکيو ته نيب سياسي انجنيئرنگ جو ادارو آهي، جن ماڻهن ملڪي ناڻو لٽيو، انهن کي اين آر او ڏنو ويو، جن خلاف ڪجهه نه مليو، انهن کي نيب عدالتن ۾ گِهليو پيو وڃي.