نيب بابت سموريون حقيقتون سينيٽ ۾ پيش ڪندس: سليم مانڊوي والا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا نيب بابت سموريون حقيقتون سينيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ريفرنس جي معاملي تي نيب راولپنڊي ۽ هيڊ ڪوارٽر جي موقف ۾ تضاد آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيب اندر ڇا ٿي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو ته اپوزيشن نيب بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي، نيب بابت جيڪي شيون سامهون اچي چڪيون آهن، اهي سڀاڻي نيب ۾ سامهون رکندس.

هن چيو ته منهنجي خلاف ميڊيا تي ريفرنس بابت خبرون هلي رهيون آهن، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نيب ترجمان خبرن کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي، ڇا انجنيئر منگي ٻيهر انجنيئرنگ ۾ مصروف آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.