ڪاميابي ڏسي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن: مختيار سومرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پي ايس 88 يوسي 13 ڀٽائي آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي گڏجاڻي مرڪزي اليڪشن آفيس ۾ حاجي مختيار سومرو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اليڪشن مهم جي حوالي سان مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.  گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي مختيار سومري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان سدائين گڏ رهي آهي، ڪراچي پ پ جو ڳڙهه آهي، هن وڌيڪ چيو ته وفاق طرفان مختلف معاملن تي اربين رپيا ڪٽوتي ڪرڻ باوجود پ پ حڪومت ترقياتي ڪم جاري رکيا آهن. هن چيو ته يوسف بلوچ والد شهيد مرتضيٰ بلوچ وانگر ئي علائقي واسين جي خدمت ڪندو ۽ اسان جي ڪاميابي ڏسي هينئر کان ئي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، جلد هنن کي پاور شو به ڏيکارينداسين. جڏهن ته پ پ اڳواڻ نثار حيدر وڳڻ ۽ علي اڪبر ميرالي چيو ته عمران خان جي حڪومت هاڻ ختم ٿي چڪي آهي، مهانگائي غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بيروزگاري وڌي وئي آهي، اعليٰ تعليم يافته نوجوان به نوڪرين لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ استاد علي اصغر ڪليار، حاجي اختيار سومرو، اطهر علي وگهيو، مظهر علي سومرو، وقاص گِل، عامر ابڙو، شهباز علي پالاري، محمد حسن ڍونگر، واجد هنگورو، سليم اختر سومرو، حاجي فاروق سومرو، محمد اسحاق سومرو، ابراهيم سومرو ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.