حيدرآباد ۾ آپڪا جو زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اشرف بوزئي، عمران راجپوت، اسلم ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ڊي جي ايڇ ڊي اي ڊائريڪٽر فنانس جي غفلت ۽ نااهلي جي ڪري ايڇ ڊي اي ملازم بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان ملازمن جون پگهارون بند پيون آهن، ان هوندي به غريب ملازم پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب ملازم پگهارون نه ملڻ سبب پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، گهرن ۾ فاقاڪشي وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.  هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ملازمن جون پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ملازم روڊن تي هوندا.17

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.