زرعي يونيورسٽي ۾ مقالن جي ڇنڊڇاڻ جو فيصلو

ٽنڊوڄام(ن ع آ ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران تحقيق کي تيز ڪرڻ لاءِ مقالن لاءِ ڇنڊڇاڻ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو، ماهرن جا مقالا شايع ڪرڻ کان اڳ ان جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي، يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شاگردن لاءِ سوسائٽيون جوڙڻ تي به اتفاق، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي دوري دوران تدريسي شعبن جي سربراهن ۽ انتظامي عملدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته زرعي يونيورسٽي ۾ تحقيق جو عمل ڪيترين يونيورسٽين کان بهترين آهي،  جڏهن ته مون دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين جو دورو ڪيو آهي، انهن ملڪن جي يونيورسٽين جي ليبارٽرين کان زرعي يونيورسٽي جي ليبارٽرين ۾ وڌيڪ تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي دلچسپي به ساراهه جوڳي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي ۾ جيترو ڪم ٿي رهيو آهي، ان جو فائدو عام آبادگارن تائين پهچڻ گهرجي، جڏهن ته اهڙي ڪيل تحقيق کي دنيا جي مڃيل سائنسي جرنلز ۾ شايع ڪرائڻ واري ذميواري پوري ڪئي وڃي ته جيئن اداري جي ساک وڌيڪ بهتر ٿئي، وائيس چانسلر لاڳاپيل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته يونيورسٽي جي اسڪالرز پاران لکيل تحقيقي مقالا سٺي ساک رکندڙ ڏيهي ۽ پرڏيهي جرنلز ۾ شايع ڪرڻ کان اڳ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ۽ ان لاءِ اسڪالرز تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وڃي، هن چيو ته يونيورسٽي جي شاگردن کي ٻين ادارن سان ڇٽاڀيٽي واري رجحان ۾ سندس شخصيت جي جوڙجڪ لاءِ مختلف سوسائٽيون جوڙيون وڃن، جن ۾ ميوزيڪل، اسپورٽس، ڊبيٽ ۽ فنون لطيفه سان سلهاڙيل فورم شامل هوندا، ته جيئن شاگردن جو اعتماد بحال ٿئي ۽ ڪنهن به فورم تي هو پنهنجي صلاحيتون ڏيکاري سگهن، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي جي گريجوئيٽس لاءِ خانگي سيڪٽر ۾ وڏي گنجائش موجود آهي ۽ هاڻي ادارن ۾ ڪمرشلائيزيشن کي اهميت آهي، ان ڪري انٽرنشپ سميت مختلف وسيلن ذريعي شاگردن کي عملي زندگي ۾ پنهنجي قابليت ڏيکارڻ ۽ سيکارڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.