قاضي احمد ۾ باهه ڏئي ساڙيل ڀيڻ ڀاءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيا

قاضي احمد ( ن ع آ ) ھڪ سال اڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ ذاتي دشمني تحت گھرن کي باھ ڏئي ساڙڻ واري واقعي ۾ سڙي فوت ٿيل ٻن معصوم ڀاءُ ڀيڻ عجيب ۽ ضميران جتوئي جي امڙ ۽ وارثن سان انصاف  ٿي نه سگهيو ٻارهن مھينن کان انصاف لاءِ تڏو وڇائي ويھندڙ امڙ وزيران جتوئي معصوم ٻچن جي بي رحمانه موت تي روئيندي روئيندي پاڻ ڳاري ڇڏيو، ٻئي پاسي ظلم جي ستايل مسڪين ماڻھن مسمات وزيران جتوئي، مسمات گڏي، لکمير، گلشير، عرس جتوئي ءِ  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي روئيندي صحافين کي ٻڌايو ته ظلم به اسان سان ٿيو آهي ءِ  پوليس به اسان جي ماڻھن کي ٻڌي تنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته جوابدار غلام حيدر جتوئي، لياقت جتوئي، حسين جتوئي، علي گوهر جتوئي، علي گل جتوئي ۽ الھه بخش جتوئي کلي عام گھمي رهيا آهن، جيڪي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان هٿ کڻو نه ته توهان کي اڃان وڌيڪ نقصان ڏينداسون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وارثن چيو ته جوابدارن کي طاقتور ڌرين جو آشيرواد آهي جيڪي پاڻ به ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن جن پئسي جي عيوض قاضي احمد ۽ لاکاٽ پوليس کي پلي ڇڏيو آهي، جو هاءِ ڪورٽ سڳوري پاران مٿين جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري کين گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن مگر پوليس سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.