لاڙڪاڻي ۾ بدامني، گهر مان هزارين رپين جي چوري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد حسيني محلا مان گذريل رات دير سان نامعلوم چورن سماجي اڳواڻ پپن سومرو جي  گهر ۾ گهڙي ڪپڙن جا 15 نوان جوڙا، بئٽري ۽ يو پي ايس چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي حيدري ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو جنهن تي ايس ايڇ او حيدري سجاد ڀٽي پهچي تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ پپن سومرو ٻڌايو ته رات دير سان ٽي وڳي ڌاري نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي ڪپڙن جا 15 نوان جوڙا، بئٽري ۽ يو پي ايس چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين چورن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چوري ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪري بئٽري، يو پي ايس ۽ ڪپڙن جا جوڙا واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

تنڊومستي ۾ چوري واپس نه ٿي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ ) ٽنڊو مستي پريس ڪلب تي شيخ طيب جي ڳوٺاڻن پاران ڪولاب جيئل شهر مان13 ڏينهن اڳ هوٽل ٻاهران بيٺل نئين سي ڊي موٽر سائيڪل چوري واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاجي  مظاهرو ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي چوري متاثر ثناءُ الله سومرو ، سڪندر سومرو ۔ڪريم بخش سومرو، وزير سومرو، سرفراز سومرو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آھيون سرن جي بٺي تي ڪم ڪندو آھيان 13 ڏينهن  گذرڻ باوجود  ٽنڊو مستي پوليس چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ڪرائي آھي نه ئي ڪابه چورن جي گرفتاري ٿي آھي اسان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي  پيا آھيون پر پوليس به اسان رلائي رهي آھي ان موقعي تي چوري متاثرين  ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

ميان صاحب لڳ گهر تي ڪاهه، فائرنگ، ڀلوڙ مينهن چوري

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان جھان واھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏيئا ۾ گذريل رات پورهيت گلبهار دايو جي گهر تي رات دير سان هٿياربند چورن  چڙهائي  ڪري گهر جا تالا ڪٽي هڪ ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ڪاھڻ لڳا تہ ان دوران ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جنھن تي چورن ۽ ڀاڳين ۾ ڪجهہ وقت فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي پئي پر چور زبردستي مينهن ڪاهي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جنھن بعد ڀاڳين ڳوٺاڻن سان گڏجي چورن جا پيرا جيڪي دين پور طرف گم ٿي ويا اھڙو اطلاع جهان واهہ پوليس کي ڪيو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ نہ پهتي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.