مچ سانحي جي جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين: آرمي چيف

ڪوئيٽا(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو  آهي ته ملڪ دشمن قوتن کي ڏڦيڙ ڦهلائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، آرمي چيف ڪالهه ڪوئيٽا پهتو ۽ مچ سانحي جي متاثرن سان تعزيت ڪئي، هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، کيس سدرن ڪمانڊ هيڊڪوارٽر ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف چيو ته بلوچستان پاڪستان جو مستقبل آهي، مچ سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويوندو، هن گيريزن آفيسرن کي خطاب ۾ چيو ته دشمن عنصر اسٽريٽجڪ صلاحيت جي بلوچستان تي نظرون ڄمائي ويٺل آهن، صوبي ۾ سيڪيورٽي، استحڪام ۽ ترقي يقيني بڻائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.