شهدادپور ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيل ڊاڪٽر جو والد به صدمي ۾ فوت

شهدادپور (ن ع آ ) ٻه ڏينهن اڳ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ سبب ديھانت ڪري ويل اي اين ٽي جي مشهور ماهر ڊاڪٽر اشوڪ موهن جي وفات بعد سندس بيمار والد سيٺ موهن به نوجوان پٽ جي وڇوڙي جو صدمون برداشت نه ڪندي 75سالن جي ڄمار ۾ ديھانت ڪري ويو.ٻن ڏينهن اندر نوجوان پٽ ۽ سندس والد جي وڇوڙي تي سندس علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول لڳو پيو هو. ٻي طرف سيٺ موهن جي مڙه کي سندن رسمن بعد مڙهي ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو هوڏانهن سندس فرزند مشهور وڪيل ڪشور ڪمار سان ڏک ونڊڻ جو سلسلو جاري آهي. ساڻس ڏک ونڊڻ لاءِ شهدادپور جي جٽيا علائقي ۾ سلسلو جاري آهي.

ننگرپارڪر ۾ ٻارن کي ڪُتن جي ڏاڙهڻ جو ايڊمنسٽريٽر ۽ يوسي سڪيريٽري تي ڪيس داخل

مٺي(بيوروچيف)ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مالسريو جي پنجين ڪلاس جي شاگرد حافظ ولد الهڏنو،ڳوٺ جهامري جي ستن ورهين جي ڪويتا ڌيءُ ڪرمڻ ۽ ڳوٺ چنيسر جي ڍاڻي جي معصوم شيرزمان ولد خليق کي ڪجھ ڏينهن اڳ رولو ڇتن ڪتن ڏاڙهي وڌو هو،جڏھن تہ ٽنهي ٻارڙن کي بي ايڇ يو ڏانوڌانڌل مان ويڪسين ڪئي وئي هئي،ڊاڪٽرن جي ڏنل رپورٽ تي ڏانوڌانڌل ٿاڻي تي يوسي ڊاڀو جي سيڪريٽري تي داخل ڪيو ويو.

پڊعيدن ۾ ڳجهي اطلاع تي تلاشي دوران 2 جوابدار گرفتار

پڊعيدن(ن ع آ) ايس ايڇ او منير لغاري ڳجھي اطلاع تي چيڪنگ دوران ٻن جوابدارن سومر عرف اعجاز ۽ بخش علي بگٽي کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ٻنهي جوابدارن کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي پوليس موجب ٻئي جوابدار  پڊعيدن ٿاڻي تي قتل ڪيس ۾ گهربل هئا  جوابدارن پڊعيدن لڳ ڳوٺ گل خان مري ۾ ٻ سال اڳ چئن ماڻهن کي قتل  ۽ هڪ معصوم ٻارڙي کي زخمي ڪيو هيو.

راڌڻ ۾ نئين جاءِ ٺهرائڻ جو  ڏٽو ڏئي، ٺڳ موٽر سائيڪل ڪاهي ويو

راڌڻ (ن ع آ )راڌڻ جي ميراڻي محلي واسي ياسين ميراڻي ولد رب نواز کي هڪ شاهينگ اينجيوز جو نمائندو سڏائي اچي چيو ته تنهنجي جڳهه حڪومت منظور ڪئي آھي  بئنڪ هل ته تنهنجو اڪائونٽ کلندو پوءِ تنهنجا پيسا اچي ويندا ۽ تنهنجي جاءِ  ٺھندي اهڙي طرح ھن ياسين کي پاڻ سان گڏ وٺي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ لاءِ موڪلي پويان سندس نئين  2021 C.D موٽر سائيڪل ڪاهي رفوچڪر ٿي ويو ۽ واپسي تي همراه جا مٿي تي هٿ اچي ويا جاءِ  ته نه ٺھي پر نئين گاڏي ڦرجي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.