سيٺارجا ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 6 زخمي

سيٺارجا ( ن ع آ ) سيٺارجا شهر جي محلا حسين آباد ۾ جوڻيجا ۽ ميمڻ برادري  جي ٻن ڌرين ۾  گهريلو معاملي  تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا  زخمين ۾  هڪ ڌر نياز علي، غلام اصغر ،  غلام سرور ۽ هڪ عورت بادشاهه زادي جوڻيجو زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻئي ڌر هڪ مرد عمران ۽ هڪ عورت زيبل خاتون زخمي ٿي پيا  سيٺارجا پوليس ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪري علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي جوڻيجا برادري جي ماڻهن پريس ڪلب پهچي احتجاج  دانهيو آهي ته جوابدارن اسان مٿان اوچتو حملو ڪري  اسان جا ماڻهون زخمي ڪري ڇڏيا کين خلاف ڪيترائي ڀيرا اين سي داخل ڪرائي  آهي، پر پوليس ڪابه گرفتاري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن اعلي حڪام کان گهر ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.