ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جي اسٽيشن لائين وٽ فقير خير محمد کوسو جي گهر کي اچتو باه لڳڻ بعد گهر ۾ پيل سمورو سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو باه لڳڻ بعد متاثرين بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ان سلسلي ۾ متاثرين خير محمد کوسو جو چوڻ هو ته خبر ناهي باه ڪئين لڳي پر باه لڳڻ بعد باه تي ضابطو نه آڻي سگهياسين ۽ فائربرگيڊ گاڏي به ٽائيم سر نه پهچڻ تي سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ۽ سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون متاثرين ضلعي انتظاميا سميت وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي.