شهدادپور ۾ وين ڊرائيور پاڻ ساڙي ڇڏيو

شھدادپور (ن  ع آ)شھدادپور جي واپڊا روڊ واسي وين ڊائيور يار محمد مگسي مبينه طور گهرو اڻبڻت تان گهر اندر پنھنجي پاڻ مٿان پئٽرول هاري  باھ ڏئي ڇڏي، کيس زخمي حالت ۾ سمس اسپتال آندو ويو، جتي کيس طبعي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويوآھي ڊاڪٽرن موجب ته زخمي جو 80 سيڪڙو سڙي ويو آھي هوڏانهن سندس علائقي ۾ چوبول هو ته گهر ۾ زال مڙس جو ڪنهن معامري تان جهيڙو هلندڙ هو جنهن تان مايوس ٿي انتهائي قدم کنيو اٿس، تاهم واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.