سنڌ اسيمبلي پي ايم سي ٽيسٽ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، تعليم صوبائي معاملو آهي: صحت واري وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر ماروي فصيح پاران پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن طرفان ايم ڊي سي اي ٽي جو ٽيسٽ وٺڻ خلاف پيش ڪيل التوا واري تحريڪ تي بحث ٿيو، صحت واري  وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو وفاقي حڪومت تي الزام لڳايو ته 18هين ترميم تحت تعليم صوبائي معاملو آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت مداخلت ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پي ايم سي تحت ورتل ميڊيڪل ٽيسٽ رد ڪيا وڃن.  اسيمبلي ۾ دي ملينيم انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۽ انٽر پريونر شپ بل متعارف ڪرايو ويو ،سيده ماروي فصيح وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هي اسان جي صوبي جي ٻارن سان حڪومت ڇا ڪيو آهي جنهن روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ان جو ايڪشن ورتو وڃي. هن چيو ته ايجوڪيشن اسان جو صوبائي معاملو  آهي ان ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي،ايم ڪيو ايم ميمبر محمد حسين چيو ته ان پاليسي کي پيپلز پارٽي سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم به رد ڪيو آهي صوبي جي شاگردن سان زيادتي ٿي آهي. جي ڊي اي جي ميمبر نندڪمار چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن تمام گهڻيون غلطيون ڪيون آهن ان ڪري پراڻي طريقيڪار سان ٽيسٽ ورتي وڃي اهو صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي. هن چيو ته اسان ميڊيڪل ڪميشن جي مذمت ڪيون ٿا،جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ جي شاگردن جي ڪوٽا تي پنجاب يا ڪي پي ڪي جي شاگردن جي داخلا حقن تي ڌاڙو آهي. هن ملڪ ۾ تعليمي ماحول هڪجهڙو ناهي. هن چيو ته ان معاملي تي وڏي وزير کي خط لکڻ گهرجي، پ پ  جي غزاله سيال چيو ته جڏهن هي سليڪٽيڊ حڪومت آئي آهي سنڌ سان ناانصافيون وڌي ويون آهن. هن چيو ته 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن. تحريڪ لبيڪ جي ميمبر قاسم فخري چيو ته سنڌ سان ناانصافي نه هلندي اسان پاڪستاني آهيون ميڊيڪل ۾ سنڌ جي ٻارن سان جيڪا ناانصافي ٿي ان جي خلاف آهيون. اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته هن حڪومت هر شيءِ کي ڪرڪيٽ جي راند سمجهيو آهي ۽ اهي ڪنهن جي سهاري تي گهڻو ڪجهه کيڏي چڪا آهن پر اسان اسان کين کيڏڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ ميمبر سدره عمران چيوته پيپلز پارٽي جي پاليسي آهي ته صرف ڪرپشن ڪرڻي آهي ۽ پيپلز جو ايندڙ چونڊ نشان ماکيءَ جي بول هوندو. هن چيو ته هي سليبس پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي ويب سائيٽ تي رکيل آهي جنهن مان اهو ٽيسٽ بڻايو ويو آهي، سنڌ جا ٻار ان ڪري فيل ٿي ويا جو اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل آهن ۽ سنڌ جا ٻار تعليمي قابليت جو مقابلو نه پيا ڪري سگهن، هيءَ تحريڪ لسانيت کي هٿي ڏئي رهي آهي ان کي رد ڪيان ٿي، پ پ جي امداد پتافي وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي  کنڊ چور ۽ اٽو چور چيو جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. امداد پتافي چيو ته هنن رياست مدينه کان شروع ڪيو پوءِ چائنا ۽ ايران جهڙي سسٽم جي ڳالهه ڪئي، هيءَ ڪوڙن جي، اٽي ٽورن ۽ کنڊ چورن جي حڪومت آهي. پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان جي سينيئر ميمبر لاءِ غلط لفظ ڳالهايا ويا اسان خاموش رهياسين، ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ هستيءَ تان مٽجي ويندي. صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ميڊيڪل ڪاليجن جي شاگردن لاءِ ضابطن جي خلاف ٽيسٽ ورتو ويو ميڊيڪل ڪميشن جي قيام ۽ ايم ڊي ڪيٽ خلاف عدالت سان رابطو ڪيو آهي اسان سنڌ جي وڏي وزير کي تحفظات کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي،محنت واري وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي ايوان کي آگاهه ڪيو آهي ته ملير جي فليٽن تي عدالتي اسٽي آرڊر ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻ اسان انهن تي الاٽمينٽ شروع ڪنداسين، هن چيو ته اڪثر ورڪرز فليٽ وڪرو ڪري هليا ويندا آهن اهو غير قانوني عمل آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ اسان هڪ نئين پاليسي به جوڙي آهيپي ٽي آءِ ميمبر سعيد آفريدي چيو ته مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نٿي ملي. بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي ان جو جائز مالياتي شيئر نٿي ڏئي جنهن سبب ڪيترائي مسئلا آهن ۽ ترقياتي ڪم به متاثر ٿي رهيا آهن پر ان جي باوجود سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي صنعتي علائقن ۾ روڊن جي تعمير لاءِ خصوصي فنڊ ڏنا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.