ڪو شهري گم ٿيو ته ايس ايس پي خلاف ڪيس داخل ٿيندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواستن تي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کان رپورٽ طلب  ڪري ورتي. عدالت سنڌ جي گهرو کاتي کي معاملي تي جي آءِ ٽي اجلاس طلب ڪرڻ ۽ آءِ جي سنڌ کي گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت معاملن جو جائزو وٺڻ ۽ گم ٿيل شهري عمر فاروق، احسان ۽ ٻين جي بازيابي جي لاءِ بندوبست ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ جسٽس عبدالمبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جي آڏو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ته گم ٿيل شهرين جي وارثن عدالت جي ڪمري ۾ دانهيو. گم ٿيل علي مهدي جي ڀيڻ چيو ته گم ٿيل ڀاءَ جي ڳولا ۾ پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. منهنجو پيءُ جنهن حال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ان جو جواب خدا هنن کان وٺندو. گم ٿيل ماڻهو بازياب نه ٿيڻ تي عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تي ڪاوڙ ڪئي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري رياست تي آهي. ماڻهن کي کڻي غائب ڪرڻ ڇا اِهو قانون جي موجب آهي؟ ڪو به شهري گم ٿيو ته ان علائقي جي ايس ايس پي خلاف ڪيس داخل ٿيندو. ورهين کان شهري گم آهن ۽ جاچ ۾ ڪنهن قسم جي اڳڀرائي نظر نه پئي اچي. 2 ڀائر 2009ع کان گم آهن هن وقت تائين هنن جي خبر ناهي پئي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته محمد الياس ۽ امين پنهنجي مرضي سان خيبرپختونخواهه ويا هليا. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪهڙي ڳالهه پيا ڪيو  ڇا سنڌ پوليس گم ٿيل شهرين جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪي پي حڪومت ۽ پوليس سان رابطو نٿي ڪري سگهي؟.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.