ملير: اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جو ڌرڻو جاري،ن ليگ ۽ پ پ اڳواڻ شريڪ

پاڪستان   اسٽيل ملز  جي جبري برطرف پورهيتن جو پنهنجي ڪٽنبن سان گڏ  چيف ايگزيڪيٽو اسٽيل ملز جي گهر آڏو ڌرڻو جاري آهي ، ان موقعي تي مختلف پارٽين جي  اڳواڻن سندن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري انهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ، ڌرڻي جن پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي انهن ۾ مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ ۽  اڳو ڻو گورنر محمد زبير , اڳوڻو سينيٽر نهال هاشمي , پيپلز پارٽي ملير جو جنرل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي ساجد جوکيو , ايم پي اي شاهينا شير علي ,پيپلز پارٽي پاران نامزد اميدوار يوسف بلوچ  ۽ ٻيا شامل هئا , ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي محمد زبير چيو ته هو  مسلم ليگ ن جي قيادت ميان نواز شريف ۽ مريم نواز شريف  جي حڪم تي پورهيتن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پهتا آهن ،  هن چيو ته مسلم ليگ ن  اسٽيل مل جي بحالي ۽ آخري مزدور جي بحالي تائين انهن جي جدوجهد جي حمايت ڪندي ۽ پورهيتن سان گڏ هوندي

ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايم پي اي ساجد جوکيو  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.