عمرڪوٽ: ارباب غلام رحيم ننڍي چونڊ ۾فوج جي مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ جي پي ايس 52 تي نامزد جي ڊي اي جي اميدوار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي تي پري پلان ڌانڌليون ڪرڻ جو الزام ھڻندي پولنگ بوٿ اندر توڙي ٻاھر فوج جي مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو ،  ڊي آر او آفيس ۾ شڪايتون درج ڪرائڻ بعد آفيس ٻاھران ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته هو  اميدوار آهي ، هن  ڊي آر او آفيس پھچي پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ڊيوٽي تي مقرر ٿيندڙن  جي لسٽ طلب ڪئي پر کيس  اھا لسٽ  نه ڏني وئي،

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد کي  ان معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.