مٺياڻي: پير جو ڳوٺ ويجهو معصوم نياڻي سان ڏاڍائي ۽ سندس قتل خلاف مظاهرو

پير جو ڳوٺ ويجهو 7 ورهين جي  معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ سان ڏاڍائي بعد کيس بيدردي سان قتل ڪرڻ  واري واقعي خلاف مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي طرفان سائين جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري ۾ يوٿ ڪاميٽي جي ميمبر، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن، استادن، شاگردن، وڪيلن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،  مظاهري کي سينيئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ لالا حسن پٺاڻ، يوٿ ڪاميٽي جي اڳواڻ بشير احمد سولنگي ۽  فياض شيخ  خطاب ڪندي چيو ته  معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ سان ٿيل زيادتي جو واقعو شرم جوڳو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  ڏاڍائي ڪندڙ ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاسي چاڙهيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.