حيدرآباد: پروگريسو يوٿ الائنس ۽ ريڊ ورڪرز فرنٽ پاران احتجاجي مظاهرو

پروگريسو يوٿ الائنس ۽ ريڊ ورڪرز فرنٽ حيدرآباد پاران اسامه ستي ۽ مچ واقعي خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سرمد چانڊيو، مجيد پنهور، سجاد کوکر، عبدالحئي بلوچ، ساحل ملاح ۽ ٻين چيو ته 13 جنوري تي بلوچستان ۾ قتل ٿيل هزاره برادري جي 11 ماڻهن جي قتل ۽ اسلام آباد ۾ 22 گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان اسامه ستي جي قتل جي  هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، جڏهن ته کاڻين ۾ مزدورن کان غير انساني ڪم ورتو وڃي ٿو، ، هنن چيو ته ڪراچي پوليس هٿان قتل ٿيل شاگرد سلطان جي قتل جي پڻ مذمت ڪجي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته 11 پورهيتن جي قتل ، اسامه ستي جي قتل  ۽ شاگرد سلطان جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.