ميرپورخاص: چور دڪان کي کاٽ هڻي قيمتي سامان ۽ 20 هزار رپيا کڻي ويا

ميرپورخاص ضلعي ۾ چورين جو آزار ختم نه ٿيو ، سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد حيدرآباد روڊ تي ستاري ڪاٽن فيڪٽري ويجھو محمد اسلم راجپوت جي دڪان مان اڻ ڄاتل چور کي کاٽ هڻي قيمتي سامان ۽ ويهه هزار روڪ رقم چوري ڪري ويا  دڪاندار جا مٿي تي ھٿ اچي ويا،  دڪاندار جو چوڻ هو  ته هن جي ساڳي دڪان مان ٻيو دفعو چوري ٿي آھي جنھن جي  اين سي رپورٽ سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرايل آھي، هن چيو ته  ٻي چوري جي رپورٽ به ٿاڻي تي ڪئي آھي،

ان موقعي تي هن ايس ايس پي ،  ڊي آئي جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته سندس چوري واپس ڪرائي ان سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.