مرتضيٰ ڀٽي اصولن جي سياست ڪئي:زوار ڏاڙهون

مقصودو رند (ن ع آ) مير مرتضيٰ ڀٽو  هميشه اصولن جي سياست ڪئي هو غريبن جو يار هو  ۽  غريبن کي عزت ڏيندو هو    اهڙو اظھار پ پ شھيد ڀٽو يوسي لنڊو جي اڳواڻ   زوار ڏاڙھون خان رند  نيشنل پريس ڪلب مقصودورند  جي سال2021جي چونڊيل  عهديدارن  کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ  چيو مير مرتظا ڀٽو   بار بار اها تلقين به ڪندو هو غريبن جي پارت اٿئو  غريبن سان ناجائزي نه ڪجو انهن جي حوصلا افزائي ڪجو هن وڌيڪ چيو ڪرپشن  ۽ خراب حڪمراني مهانگائي  سبب  عوام  ٻٽي عذاب ۾ آهي هن وڌيڪ چيو ته انشاالله مير مرتظا ڀٽو جو مشن  سندس فرزند جونيئر ذوالفقار ڀٽو محترمه غنواه ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جاري رکنداسين اجياڻي کي پ پ شھيد ڀٽو يوسي لنڊو جي علي گل رند غلام نبي جعفري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.  جڏهن آجياڻي ۾ پ پ  ش ڀ يوسي لنڊو  جي اڳواڻن نيشنل پريس ڪلب جي سال2021 جي چونڊيل عهديدارن سرپرست رحيم داد رند صدر خير محمد رند سينئر نائب صدر ڊاڪٽر اعجاز علي رند نائب صدر فيض محمد سومرو  جنرل سيڪريٽري مير حسن رند ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين ظھور حسين رند   خزانچي شھبازعلي رند  کي اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.