سجاول جو بخاري پاڙو مسئلن جو شڪار

سجاول (ڊ ر) سجاول شھر جي وارڊ نمبر چار ۾ وڏي آبادي رکندڙ بخاري پاڙو  بنيادي سهولتن کان وانجهيل  رھواسي سخت مشڪلاتن ۾ گهيريل مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب سجاول شهر جي وارڊ نمبر چار ۾ بوائز ڊگري ڪاليج لڳ قائم بخاري پاڙو انتظاميا جي عدم دلچسپي سبب بنيادي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي انهي سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته پاڙي ۾ رهندڙ مختلف ذاتين ملاح  چوھاڻ. سيد  زنگيجا .آمڙا .سميت ڪيتريون ئي ذاتيون آباد آهن پر ان پاڙي ۾ رستو  بجلي.گئس.ڊرنيج .سميت ڪنھن بہ قسم جي سھولت موجود ناھي. جنهنڪري رھواسي سخت مشڪلاتن ۾ گهيريل آھي  رھواسين جو چوڻ آھي ته چئرميني دور ۾ چئرمين کي رھواسين مان مرتبو ڏنو جنھن فقط آسرا ڏنا پر ڪوبہ ترقياتي ڪم نہ ڪرايو ويو.  رھواسين پاران  ايم پي اي.ايم اين اي کي بہ شڪايتون ڪيون پر ھيستائين ڪوبہ کڙتيل نه نڪتو آهي رھواسين خان محمد ملاح  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته  سجاول جي وارڊ 4 بخاري پاڙي ۾ سموريون سهولتون ڏنيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.