ڪنري ۾ رولو ڪتن جو آزار، ٻارڙو ڏاڙهي وڌو

ڪنري (ت ر ) ڪنري ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي ڪاٽڻ جا واقعا وڌڻ لڳا، رولو ڪُتن معصوم نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو. تفصيل موجب ڪنري تعلقي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳو  آھي. ڪتن جي ڏاڙھجڻ واري واقعن ۾ ظابطو ناهي اچي سگھيو. ڪنري لڳ ڳوٺ صديق پنجابي ۾ رولو ڪتي 5 ورھين جي معصوم نينگر اشوڪ ولد آچن ڪولهي کي ڏاڙھي شديد زخمي ڪيو. رولو ڪتي نينگر جي ڪُلھي ۽ ڪن مان ڏاڙھي زخمي ڪيو جنھن کي ڪنري اسپتال تعلقي ۾ آندو ويو. ٻئي پاسي ٻسٽان ۾ رولو ڪتي نوجوان محمد عثمان کي ڏاڙھي زخمي ڪيو. جنھن کي تعلقي اسپتال آندو ويو ٻنھي زخمين کي اسپتال مان ويڪسين بعد گھر منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.