ٺٽو (بيورو) ماڊل ٽرائيل ڪورٽ ٺٽو جي عدالت پاران گهارو واسي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪندڙ ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ۽ چار لک روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. 3 سال اڳ گهارو ۾ مقتول فياض ڪنڀار کي پڪڙي ڇُرن سان ڪُهي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٺٽي جي ماڊل ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج الهبچايو گبول جي عدالت جوابدارن کي عمرقيد جي سزا ۽ ڏنڊ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آھي. جوابدارن شان علي چانڊيو، محراب لاشاري ۽ عاطف پنهور کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، مُک جوابدار محراب لاشاري تي 2 لک روپيا ڏنڊ ۽ سندس ساٿي ٻن جوابدارن شان علي چانڊيو ۽ عاطف پنهور کي هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ پڻ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. عدالتي فيصلي جي موقعي تي ٽيئي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، کين سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻيو ويو. جيڪو ڪيس گھارو ٿاڻي تي درج ٿيل ھو، ڪيس جي پيروي ناليواري نوجوان وڪيل زاھد علي ڪنڀر ڪئي.