دائوجهانپور مان عورت معصوم پٽ سميت اغوا، وارثن جو احتجاج

دائوجهانپور (رپورٽ : گل محمدلاشاري) دائوجهانپور ويجهو ڳوٺ شيرانپور جي رهواسي گامڻ مڱڻھار ۽ ليلان منڳڻهار پريس ڪلب دائوجهانپور ۾ احتجاج ڪندي چيو ته جوابدارن سجاد دايو روشن دايو ۽ ابراهيم  دايو ڏٽو ڏيئي اوستہ محمد روزگار ڪرڻ جي بھاني وٺي ويا ۽ اتي ھٿياربند ٿي ڪري اسان کي يرغمال بڻائي منھنجي نوجوان شادي شدہ ڌيء نورجھان زال حبدار علي کي سندس معصوم 6مھينن جي پٽ  شاھد سميت اغوا ڪري  اڇي رنگ جي ڪار ۾ ويھاري اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندي اھو چئي روانا ٿيا تہ معصوم شاھد لاء  پنج لک ڀنگ ڏيو ۽ نورجھان کي وساري ڇڏيو پئسا نہ ڏنئو تہ معصوم شاھد ۽ سندس ماء نورجھان کي ماري ڇڏينداسون ھن وقت ڏس مليو آھي تہ ھو محمد پور ٿاڻي جي حد جنت شاخ واري علائقي ۾ رھن ٿا اسين ان ايف آء آر جي ڪاپي ست ڏينھن پھريان وڏي منشي محمدپور ٿاڻو کي ڏيئي آيا آھيون ھن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس پي جيڪب آباد کان گھرڪئي تہ اسان جي مغوي  نياڻي ۽ سندس معصوم پٽ شاھد مڱڻھار کي بازياب ڪرائي ڏيو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.