سنڌ جي مسئلن جو حل سيد جي فڪر ۾ آهي:صنعان قريشي

ڪراچي (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،مومن سمون،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر  سومرو جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ جي مسئلن جو حل سيد جي فڪر ۾ موجود آهي، تنهن ڪري سيد جي فڪري واٽ تي هلندي ئي سنڌ جو نصيبو سڻائو ٿيندو، سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ ٻرندڙ مشعل هٿ ۾ کڻي مشعل بردار ريليون ڪڍي سيد جي فڪر جي روشنيءَ جو ترورو جهر جنگ پهچايو ويندو، هنن وڌيڪ چيو ته 17 جنوري تي سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو جلسو تاريخي ٿيندو جنهن  موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ۾ اهم اعلان پڻ ڪندو. جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ هنن چيو آهي ته افغاني پٺاڻن خلاف غير معمولي آپريشن جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت نالي متاثر ڪارروائي ڪري افغانين کي سنڌ مان نيڪالي نٿي ڏئي سگهجي، هنن چيو ته سنڌ ڌاري آبادڪاري جو وزن گهڻو برداشت ڪيو آهي ۽ ڌاري آبادڪاري سبب سنڌ ۾ بد امني، دهشتگردي، منشیات فروشي وڌي وئي آهي پر سرڪار ڪو به سنجيده ايڪشن کڻن لاءِ تيار ناهي، سرڪار جي اهڙي غفلت ۽ لاپرواهي جي مذمت ٿا ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.