ميرپور ساڪرو (ن ع آ ) ملير لنڪ روڊ درگاه سمندري بابا ويجهو ٽرڪ جو سوزڪي سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ميرپور ساڪري جي ڳوٺ حاجي حسن ڪاتيار جو رھواسي 25 ورھين زاھد حسين ڪاتيار تڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته فضل ڪاتيار شديد زخمي ٿي پيو ھوڏانھن فوتي جي لاش ضروري ڪارواين کانپوء وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن زخمي ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.