ايسوسيئيٽ بي ايس ڊگري شاگردن سان فراڊ قرار

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  ايسوسيئيٽ بي ايس ڊگري کي شاگردن  bسان فراڊ قرار ڏئي ڇڏيوآهي ، ڪاليجز ۾ ڊگري فراڊ هئڻ بابت اشتهار لڳائڻ جو حڪم ڏنو آهي .جڏهن ته عدالت ٻيهر چيو آهي ته استادن جون تنظميون شاگردن جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪن ،عدالت پنهنجي حڪم ۾هڪ دفعو وري چيو آهي ته سمورن سرڪاري ملازمن ۽ استاد پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن ،عدالت اهڙو حڪم تعليم کاتي ۾ استادن جَي ڀرتين ۽ تعليم سڌارن واري مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران  عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هفتي اندر ڪاليجز ۾ اشتهار نه لڳايا ويا ته سيڪريٽري ڪاليجز خلاف توهين عدالت جِي ڪارروائي ڪئي ويندي، ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري ڪاليجز کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو آهي عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته استادن جي تنظمين جو ڪم صرف چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽هڙتالون ڪرڻ نه آهي بلڪ شاگردن جي تعليم جي لاءِ بهتر ڪم ڪرڻ آهي .عدالت چيو ته استادن جي نتظميون اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين ته هر سرڪاري ملازمن جا ٻارڙا سرڪاري اسڪول ۾ تعليم وٺن ، عدالت رمارڪس ڏنا ته بي ايس ڊگري لاءِ جن هزارين شاگردن داخلا ورتي آهي  انهن جَي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟، کين تعليم کاتي ۾ به نوڪري نه ملندي، عدالت جو سنڌ حڪومت ٻارڙن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ وڌيڪ  چيو ته هي خطرناڪ صورتحال آهي .پهرين بي ايس سي ختم ڪري ايسوسيٽيث بي ايس ڪيو ويو آهي جيڪو فراڊ آهي عدالت ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.