بجلي بحران تي اعليٰ اختياري ڪميشن جوڙي وڃي: امتياز شيخ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ  سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ صحافين کي ٻڌايو ته پاڪستان جي  تاريخ جي سڀ کان وڏي بجلي جي خرابي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ اختياري ڪميشن قائم ڪئي وڃي، هن چيو ته نااهلي لڪائڻ لاءِ معمولي درجي جي آفيسرن ۽ جوانن کي معطل ڪيو ويو ته جيئن اصل نااهلن کي بچائي سگهجي.  امتياز احمد شيخ چيو ته اسان ڊسمبر ۾ خبردار ڪيو هو ته جنوري ۾ گئس دستياب نه هوندي.  جنوري لاءِ آر ايل اين ج جي دير سان ڪيل آرڊر سبب ڪنهن به ڪمپني بڊز نه ڏني آهي.  هن چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ پاور زونز ۽ ايڪسپورٽ انڊسٽريز کي گئس سپلاءِ بند آهي.  وفاقي ڪابينا ۾ سنڌ جا 6 وفاقي وزير هجڻ جي باوجود انهن ۾ سنڌ جي حقن تي آواز بلند ڪرڻ جي همت ناهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.