خيرپور(ڊر) ٻه ڏينهن اڳ بي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد لقمان ۾ ڌاڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ديپڪ ڪمار جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل هڪ وڌيڪ مک جوابدار قدير ڪٽوهرکي خيرپور پوليس ٻٻرلوءِباءِ پاس وٽ مبينا پوليس مقابلي ذريعي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل قدير ڪٽوهر کي سول اسپتال خيرپور جي جيل وارڊ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي