ٽي وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهن، قانوني ويڙهه جاري رهندي: سنڌ سرڪار

ڪراچي (رپورٽر ) سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي جي ٽن اسپتالن تي سنڌ  سرڪار ڀرپور ڌيان ڏنو جنهن جي ڪري انهن جي ڪارڪردگي ۾ تمام گهڻي بهتري آئي، هاڻي انهن بهترين ادارن کي خراب ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهرنوٽيفڪيشن جاري ڪري وفاق پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وفاقي حڪومت جي نااهلي سڀني جي سامهون آهي اها سمورن شعبن ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي بجلي جي بليڪ آئوٽ کي ئي ڏسي وٺو ٻه ڏينهن گذري ويا آهن اڃا تائين ملڪ جا ڪيترائي حصا بجلي کان محروم آهن. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جون وڏيون اسپتالون ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت نه آهن، سنڌ حڪومت اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه جاري رکندي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته خط لکڻ يا آرڊيننس جاري ڪرڻ سان ادارا ڪنهن جي ملڪيت نه ٿي ويندا آهن، خرچن سوڌو ٻيون گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون آهن، اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي ايڇ ۽ جناح اسپتال سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.