گهوٽڪي: پوليس اهلڪار جي چوڻ تي بدلي ڪيل انسپيڪٽر جون دانهون

گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار جي چوڻ تي ايس ايس پي پاران بدلي ڪرڻ خلاف انسپيڪٽر دانهون ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي ، انسپيڪٽر انچارج  يو ٽي پي شاه محمد ٿهيم گهوٽڪي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هو قيدي پارٽي ڊسٽرڪٽ گهوٽڪي جو انچارج آهي، سندس چوڻ هو ته هن  جڏهن هڪ پوليس اهلڪار الطاف حسين لغاري  کي نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو ته ان مٿان ڏمرجي پيو ۽ هن  ايس ايس پي گهوٽڪي کي به لکت ۾ اهڙِي شڪايت ڏني جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪار خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران هن جي بدلي قيدي پارٽي مان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪئي وئي

احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته ايس ايس پي گهوٽڪي هڪ پوليس اهلڪار جي چوڻ تي هن  سان ناانصافي ڪئي آهيهن  آءِ جي، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي  ته هڪ پوليس اهلڪار جي چوڻ تي ڪيل هن جي بدلي رد ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.