دريا خان مري ۾ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو ، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ طارق ڌاريجو، ايس ايڇ او محمد اسماعيل زرداري ، اي سي عبدالغفور ڌامراھ، مختيار ڪار روينيو محمد اڪرم سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نصرت واھ ريگيوليٽر جي ٻنھي پاسن کان 10 کان وڌيڪ گھر ۽ 50 کان وڌيڪ دڪان ڪرين ذريعي ڊاھي پٽ ڪيا ويا ، ان موقعي تي سوين رھواسين مردن، عورتن توڙي ٻارڙن پاران ڪرين آڏو بيھي گھر ۽ دڪان ڊاھڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو ، احتجاج ڪندڙن مردن توڙي عورتن صحافين آڏو دانھيندي چيو ته هو گذريل 72 سالن کان اجھا اڏي ويٺل آهن ۽ پنھنجو روزگار ڪري ٻچن جو پيٽ پالي رھيا آھن، انهن جا گھر ۽ دڪان ڊاھي پٽ ڪري انهن کي سخت سيءَ ۾ بي گھر ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي اينٽي انڪروچمينٽ ڊائريڪٽر طارق ڌاريجو، انچارج محمد اسماعيل زرداري ٻڌايو ته سرڪاري ملڪيتن تي قبضو ڪري ٺاھيل گھرن ۽ دڪانن کي ڊاھي پٽ ڪيو ويندو ۽ ڄاڻايل ملڪيتون لاڳاپيل ادارن حوالي ڪيون وينديون