پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان ۾ سڀاڻي ٽه ملڪي ڳالهيون ٿينديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان جا پرڏيهي وزير ٽه ملڪي ڳالهين لاءِ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪندا.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ سلامتي کي پيش نون ۽ اڀرندڙ چئلينجن، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ موسمياتي تبديلي سبب چئلينجن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪندا.

ڌريون ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، گڏوگڏ ٽئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٽه ملڪي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي به ڳالهائيندا، جن ۾ امن ۽ سلامتي، واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ثقافتي سهڪار جا شعبا شامل آهن.

واضح رهي ته پاڪستان، ترڪي ۽ آذربائيجان ۾ پهريون ٽه ملڪي ڳالهيون 2017 ۾ باڪو ۾ ٿيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.