اپوزيشن جو گوڙ جاري رهندو پر اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين: فردوس عاشق

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جنسي تشدد روڪڻ لاءِ قانون سازي جو ڪريڊٽ عثمان بوزدار کي وڃي ٿو، ڇو ته پِنندڙ ٻارن جي هٿن ۾ ڪتاب ۾ ئي اصل ڪم آهي.

لاهور ۾ ٻارن سان بدسلوڪي خلاف چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي اهتمام هيٺ آگاهي واڪ ٿيو، جنهن ۾ فردوس عاشق اعواڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته چائلڊ ليبر بابت اثرائتي پروگرام تي ڪم ٿي رهيو آهي، عملي قدم کڻي رهيا آهيون، چائلڊ ليبر جو شڪار ٻارن جي والدين کي باقاعدي طور وظيفا ڏنا پيا وڃن، ننڍي عمر جي شادي خلاف قانون موجود آهي، ان ۾ ڪجهه سڌارن جي ضرورت آهي.

اپوزيشن تي تنقيد ڪندي هن چيو ته 2023 تائين انهن جو گوڙ جاري رهندو پر اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين، الله پاڪ انهن جي نصيب ۾ مايوسي لکي ڇڏي آهي، فضل الرحمان ۽ پي ڊي ايم جي ٽولي جي موقف ۾ سڌو سنئون تضاد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.