اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ رينجرز جي مقرري جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد ۾ رينجرز جي مقرري 2014 ۾ سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪئي وئي هئي.
گهرو وزارت جي ذريعن موجب واڌ کانپوءِ اسلام آباد ۾ مقرر 2500 اهلڪار وڌيڪ 3 مهينا رهي سگهندا.
اسلام آباد ۾ پوليس سان گڏجي رينجرز شهر جي سيڪيورٽي جون خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.