آصف زرداري جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 28 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٻه رڪني ڊويزن بئنچ آصف زرداري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جتي اڳوڻي صدر جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي وئي.

عدالت آصف زرداري جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ميڊيڪل بورڊ کي 28 جنوري تي آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اين آءِ سي وي ڊي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ تي نيب ۽ آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ رضامندي ڏيکاري.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته اهي ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن، جيڪي اڳ ۾ ميڊيڪل بورڊن جي رپورٽن ۾ ٿينديون رهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.