ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر پوليس اهلڪار قتل

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڪرڪ جي علائقي لتمبر ۾ پوليو روڪ مهم جاري هئي ته ان دوران موٽر سائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربندن ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر پوليس اهلڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪري پوليو مهم عارضي طور روڪي وئي آهي، جڏهن ته شهيد اهلڪار جو مڙهه تحويل ۾ وٺي جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.