لاڙڪاڻي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر محلا ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان سنوڪر تي نوجوان پاڻ ۾ وڙهي پيا جتي  سِروٽا ۽ سنوڪر جون لٺيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا فقير بشير احمد ککراڻي سندس نوجوان پٽ نويد علي، ڀاءُ جان محمد ککراڻي، ٻي ڌر جو ريحان چانڊيو، محمد تقي ابڙو ۽ رضا عباس ابڙو سخت سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي سمورن زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي فقير بشير احمد ککراڻي ٻڌايو ته منهنجي پٽ ۽ چانڊيه برادري سان واسطو نينگر وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن معاملي تان چانڊيه ۽ ابڙا برادري جي ماڻهن حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج هلندڙ هو جڏهن ته اهڙي جهيڙي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.