گهارو۾ ڏوهارين خلاف وٺ پڪڙ، چوري ڪيل موٽر سائيڪلون مالڪن حوالي

گهارو( ن ع آ ) ايس ايس پي ٺٽو جي خاص ھدايتن تي منشيات فروشن توڙي ڏوھارين خلاف پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري اھي.  ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ميرپورساڪروقادربخش خاصخيلي ۽ ايس ايڇ او گھاروانسپيڪٽرممتازعلي بروھي پنھنجي عملي سان گڏگھارو ۾ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي گھاروشھرمان 3 ڏينھن اڳ چوري ٿي ويل موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري اصل مالڪن مرتضي ڀٽ ۽ ٻين حوالي ڪرڻ سميت ھٿ ڪيل هڪ جنريٽر الياس آرائين جي حوالي ڪري ڇڏي.ٻي ڪاروائي ۾ ڪسٽم آفيس ۽ ڪي ڊي اي روڊ گھاروويجھوڇاپا ھڻي ٻن منشيات فروشن غلام مرتضي پنجابي ۽ صديق ٻاٻڙو کي 55 ٿيلھيون ڪچي شراب ٺري سميت گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت گھارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتوآهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.