ڪنڌڪوٽ ڀرسان چنگچي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻه جي حد سبزوئي لاڙو وٽ موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ جمن گاڏهي،اشرف  بهلڪاڻي،عبدالوحيد بجاراڻي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي ايمبولينس ذريعي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان زخمين جو علاج هلندڙ آهي.

اوٻاوڙي لڳ گهٽي جي ڳالهه تان جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙو لڳ مريد شاخ کنڀڙاٿاڻي جي حد ۾  کنڀڙا برادري جو گهٽي جي ڳالهھ تان جهيڙو لٺين ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڌر عبدالرزاق کنڀڙو واحد بخش کنڀڙو حق نواز کنڀڙو سخت زخمي ٿي پيا جن کي کنڀڙا پوليس ليٽر ڏئي اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي عبدالرزاق کنڀڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مختيار کنڀڙو وارن سان گهٽي تي جهڙو هلندڙ آهي اڄ منهنجو والد هوٽل تي ويٺل هو ته اسان جي برادري جو مختيار کنڀڙو پنهنجي 15کان مٿي  ماڻهن سان لٺين ڪهاڙين سان حملوڪري ڏنو جنهن سبب اسان سخت زخمي ٿي پيان آهيون اسان جي ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل صاحب کي اپيل آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن کنڀڙا پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جلد گرفتار ٿي ويندا هوڏانهن زخمي اسپتال اوٻاوڙو زير علاج آهن.

دريا خان مري ويجهو موٽرسائيڪل جو مدرسي ويندڙ کٿابي کي ٽڪر، اسپتال منتقل

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري مدرسه انوار المصفيٰ قاسميه وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل سوار پاران روڊ تي ويندڙ مدرسي جي کٿابي ( طالبعلم ) رضوان احمد پٽ عبدالرزاق سومرو کي موٽر سائيڪل جو ٽڪر ھڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کٿابي کي فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي جو علاج ڪرڻ بعد کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو.

ٿاڻو بولا خان ۾  مين هول جا ڍڪڻ کليل، ٻارڙو ڪري زخمي

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ ) ٿاڻي بولاخان ۾ ٽائون انتظاميه جي بي ڌياني سبب مين ھولن جا ڍڪڻ کليل ھجڻ سبب ماڻھن جو ڪري زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي گذريل  ڏينھن ٿاڻي بولاخان جي ميمڻ پاڙي ۾ مين ھول جو ڍڪڻ کليل ھجڻ سبب اتان گذرندي ٻارڙو فواد پٽ فياض ميمڻ ڪري زخمي ٿي پيو آھي ميمڻ محلي جي رھواسين جو چوڻ آھي ميل ھول جو ڍڪڻ کليل ھجڻ سبب ماڻھن جو ڪري زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي پر انتظاميه ڪو به قدم ناھي کنيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.